علم لسان ۽ سنڌي زبان

علم لسان ۽ سنڌي زبان

علم لسان ۽ سنڌي زبان

علم لسان ۽ سنڌي زبان

علم لسان ۽ سنڌي زبان

علم لسان ۽ سنڌي زبان (ڪتاب): هيءُ مشهور عالم ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ماهر علي نواز حاجن خان جتوئيءَ جو لسانيات تي مشتمل ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ لسانيات جي علمي نظرين ۽ اهم اصولن کي سنڌي زبان جي مزاج مطابق تحقيقي انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب اٺن بابن تي مشتمل آهي. باب پهرئين ۾ زبان ۽ علم، زبان جي تعريف ۽ اهميت؛ ٻئي باب ۾ صوتيات؛ باب ٽئين ۾ صرفيات؛ باب چوٿين ۾ نحويات؛ باب پنجين ۾معنيات؛ باب ڇهين ۾ لساني جاگرافي؛ باب ستين ۾ تاريخي ۽ ڀيٽاڀيٽي لسانيات ۽ باب اٺين ۾ ٻولين جي لکڻ جو طريقو وغيره شامل آهن. ڪتاب جو پهريون ڇاپو احمد نبي بخش شيخ، سنڌ پرنٽنگ پريس حيدرآباد مان 1968ع ۾، ٻيو ڇاپو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شوري طرفان 1983ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. 229 صفحن تي مشتمل پڪي جلد سان هي ٽيون ڇاپو سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد طرفان مارچ 2018ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جي قيمت 500 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو